'عبدالمجيد سنڌي' جون تصويرون
 عبدالمجيد سنڌي جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو:

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو: هي ڪتبخانو ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو لاڙڪاڻي ۾ ذاتي ڪتبخانو آهي. هن ڪتبخاني ۾ پندرهن هزار کن ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قديم ڇاپي ڪتاب، قلمي نسخا، ناياب ڪتاب ۽ ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ، ناياب ڪتابچا، رسالا ۽ پمفليٽ شامل آهن. سال 1949ع کان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجي.....


انگريزي- سنڌي ڊڪشنري

انگريزي- سنڌي ڊڪشنري: هيءَ ڊڪشنري پرمانند ميوارام جي ترتيب ڏنل آهي. هيءَ ڊڪشنري، پهريون ڀيرو 1933ع ۾ ڇپي ۽ ٻيو ۽ ٽيون دفعو ”نئين انگريزي- سنڌي ڊڪشنريءَ“ جي نالي سان 1976ع ۽ 1980ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان شايع ٿي. هيءَ ڊڪشنري ساهتيه اڪيڊمي نئين دهليءَ طرفان پڻ ڇاپي وئي آهي. هن ڊ.....


انگريزي- سنڌي ڊڪشنري2

انگريزي- سنڌي ڊڪشنري2: هن نالي سان ٻي هڪ ڊڪشنري غلام مصطفيٰ شاهه جي ترتيب ڏنل آهي. هيءَ ڊڪشنري سرڪاري آفيسن ۾ لکپڙهه لاءِ ڪم ايندڙ انگريزي اصطلاحن جي متبادل سنڌي اصطلاحن تي مشتمل دفتري لغت آهي. ڊيمي سائيز ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 202 صفحا آهن. ڇاپو پهريون، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، نيو گرين پريس، حيدرآباد.....


انگريزي- سنڌي ڊڪشنري3

انگريزي- سنڌي ڊڪشنري3: هن نالي سان اي. ٽي. شاهاڻي، اي. ڊي شاهه، عبدالحسين ميمڻ ۽ بشير منگيءَ پڻ ڊڪشنريون ترتيب ڏنيون آهن......


انگريزي- سنڌي ڊڪشنري4

انگريزي- سنڌي ڊڪشنري4: هيءَ ڊڪشنري رشيد احمد ميمڻ ڊبل ڪرائون سائيز ۾، ٽن جلدن ۾ تيار ڪري ڇپرائي آهي جيڪا هن وقت تائين ڇپيل سمورين ڊڪشنرين ۾ وڌيڪ لفظ رکي ٿي. هن ۾ سائنس ٽيڪنالاجي مختلف علمن ۽ فنن بابت لفظ پڻ شامل آهن. هيءَ ڪفايت اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران سن 2006ع ۾ پڌري ڪئي وئي آهي......


آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي

آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي: هيءُ ڪتاب سنڌي ٻولي جي نامور شاعر ارجن ”حاسد“ لکيو آهي، جيڪو ساهيته اڪادمي، نئين دهليءَ پاران 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن 182 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي ابتدا ۾ ارجن ”حاسد“ 20 صفحن جو تفصيلي مواد لکيو آهي، جنهن ۾ غزل،ان جي فن، سنڌي غزل جي مختصر ڄاڻ .....


ائنگلو سنڌي ٽرانسليشن ايڪسرسائيز

ائنگلو سنڌي ٽرانسليشن ايڪسرسائيز (پارٽ ون) (ڪتاب ):هن ڪتاب جو ليکڪ چتر ڀج لالچند اوجها آهي. 88 صفحن جو هيءُ ڪتاب، جنهن جي قيمت 9 آنا آهي، ڪراچيءَ مان 1884ع ۾، ڪمرشل پريس، مان ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1887ع ۾ مرڪنٽائل پريس، ڪراچيءَ مان ڇپيو ۽ ٽيون ڇاپو ساڳيءَ پريس مان 1889ع ۾ ڇپيو......


بهترين سنڌي ڪويتائون

بهترين سنڌي ڪَويتائون1 (ڪتاب ):مشهور شاعر ٽيڪچند ”مست“ جي شاعريءَ جو مجموعو، جيڪو گجرات سنڌي اڪيڊمي، گانڌي نگر (انڊيا) طرفان سال 1992ع ۾ ڇپايو ويو هو......


بهترين سنڌي ڪهاڻيون2

بهترين سنڌي ڪهاڻيون2 (ڪتاب ): چونڊ بهترين سنڌي ڪهاڻين جو مجموعو. هيءُ انتخاب پوپٽي هيراننداڻيءَ ترتيب ڏنو ۽ 1989ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب گجرات سنڌي اڪيڊمي، گانڌي نگر طرفان ڇپايو ويو آهي......


بهترين سنڌي ڪهاڻيون3

بهترين سنڌي ڪهاڻيون3 (ڪتاب ): هن نالي سان مشهور ليکڪ لال پشپ جي بهترين ننڍڙين ڪهاڻين جو ٽن جلدن تي مشتمل مجموعو، جيڪو 1975ع ۾ ڇپيو. آزاديءَ کان پوءِ ڇپيل سنڌي ڪهاڻين جي هن مجموعي جو مرتب اپاسڪ لعل پشپ خود آهي......


بهترين سنڌي مضمون

بهترين سنڌي مضمون (ڪتاب ): هيري ٺڪر جي بهترين مضمونن جو ڳُٽڪو، جيڪو 1990ع ۾ گجرات سنڌي اڪيڊمي، گانڌي نگر (ڀارت) پاران شايع ڪيو ويو......


 پوئتي   1   2   3  4  5   6   7   8   اڳتي